صدر فقير لنجواڻي

صدر فقير لنجواڻي: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳي صدر فقير ولد غلام علي لنجواڻي 1981ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي جا لنجواڻي ’شاهه جا راڳي‘ طور سڃاتا وڃن ٿا، سندس خاندان گهڻي وقت کان شاهه جي راڳ سان واڳيل رهيو آهي. شاهه سان عقيدت ۽ خانداني راڳ واري ماحول سبب صدر فقير 2004ع ڌاري نادر فقير لنجواڻي جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا ورتي. خاص ڪري شاهه جي تخليق وائي جي ٽنهي قسمن، دتالي وائي، ڇيڙ وائي ۽ ڏيڍي وائي تي مهارت اٿس. ان سان گڏ شاهه جي الهامي ساز دنبوري تي به عبور اٿس. شاهه لطيف جي درگاهه جي صحن ۾ ڳائڻ سان گڏ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ حصو وٺندو رهي ٿو. صدر فقير شاهه جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ آچر رات وارن راڳين ۾ شامل آهي. پاڻ هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو